پٽ فيڊر واهه جي تصوير

پٽ فيڊر واهه جي تصوير

پٽ فيڊر

پٽ فيڊر: پٽ فيڊر واهه ڪشمور شهر جي ڀرسان ريگستاني پٽ فيڊر مان نڪري ٿو، هن واهه جي ڊيگهه 624 آرڊيون يا 125 ميل آهي. پٽ فيڊر پهريان 25 ميل سنڌ ۾ ۽ 100 ميل بلوچستان مان وهي ٿو، هيءُ پورو واهه غير آباد پٽ واري علائقي مان نڪتل آهي، جتي پاڻيءَ جو ڪو به نانءُ نشان نه هو، سواءِ ان جي ته ڪا قدرتي طرح برسات پوي. هتان جا ماڻهو برسات تي آسرو رکندا ۽ آبادي ڪندا هئا. پيئڻ جو پاڻي هتي اڻلڀ هو، آبپاشي کاتي هيءُ وڏو ڪارنامو ۽ ڪاميابي آهي، جو اهڙي علائقي وڏو واهه ڪڍي ماڻهن جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو آهي.پٽ فيڊر واهه تي 6 ڪراس ريگيوليٽر ۽ ٻه روڊ پليون آهن، ڪراس ريگيوليٽر هر هڪ آر.ڊي-109، آر.ڊي-238، آر.ڊي-342، آر.ڊي-418، آر.ڊي-505، آر.ڊي-558 ۽ پڇڙي آر.ڊي-624 تي روڊ پليون ٻه آهن، هڪ آر. ڊي- 38 ۽ ٻي پل آر. ڊي- 490 جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ روڊ تي ديري مراد جمالي شهر جي ڀرسان آهي، جنهن کي اڳ ٽيمپل ديرو چوندا هئا. هتان جيڪب آباد ڪوئيٽا ويندڙ ريلوي لائين به گذري ٿي. پٽ فيڊر جي آر.ڊي-109 کان صرف هڪ فرنٽيئر شاخ کٻي پاسي نڪري ٿي، جيڪا 15 ميلن تائين ٻنهي پاسي آبادي ڪرائي ٿي، پٽ فيڊر صرف هڪ کٻي پاسي واري علائقي کي آباد ڪري ٿو. پٽ فيڊر جي ڀوري واهه تي سڄي پاسي کان ڪا به شاخ نڪتل نه آهي. صرف هڪ طرف کٻي پاسي کي پاڻي ڏيندو آهي، ان جو اهو سبب آهي جو سڄي پاسي وارو پٽ جو علائقو جيترو پري ويندو، اوترو مٿي ٿيندو ويندو، جنهنڪري پاڻيءَ جو اوڏانهن وهڪرو نه ٿي سگهندو جو Gradient تمام وڏي آهي. کٻي پاسي کان پوءِ لاهي ٿيندي وڃي ٿي، جنهن ڪري پاڻي لاهيءَ جي ڪري تڪڙو وهندو آهي. پٽ فيڊر جو اتر طرف جيترو پري وڃبو مٿي ٿيندو ويندو، جيترو ڏکڻ طرف وڃبو لاهي ٿيندي ويندي. آر.ڊي-109 کان آر.ڊي-718 تائين تمام گهڻي واري ۽ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن. آر. ڊي- 238 جي ڪراس ريگيوليٽر تان به ڪا خاص شاخ نٿي نڪري، هنن زمينن کي شاهي واهه مان پاڻي ملي ٿو، جيڪو پٽ فيڊر جي ويجهو وهي ٿو. آر.ڊي- 342 تان هڪ اُچ لنڪ ڪئنال نڪتل آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ صرف 3 ميل آهي ۽ شاهي واهه مان وهندڙ اچ واهه جي پڇڙيءَ کي هيءُ پاڻي ڏيندو آهي، هتي واريءَ جا وڏا ڍير آهن، جيڪي پوءِ جيڪب آباد شهر ڏانهن وڃن ٿا، اهي سنڌو درياهه جي واريءَ جا نشان ٿي سگهن ٿا. آر.ڊي- 342 جو ڪراس ريگيوليٽر بلوچستان جي هيرين شهر وٽ آهي. آر.ڊي-109 کان وٺي آر.ڊي-418 تائين سڄي پاسي بگٽين جو قبائلي علائقو آهي، جتي سندن گهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. پٽ فيڊر جي آر.ڊي-125 جي ڀرسان سئي گئس جو علائقو آهي، جتان گئس پوري ملڪ کي ملي رهي آهي.پٽ فيڊر جي آر. ڊي- 418 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻه شاخون کٻي پاسي کان نڪرن ٿيون. هڪ نصيرآباد شاخ 14 ميل ڊگهي آهي ۽ ڏکڻ طرف وڃي ٿي. ٻي شاخ جهڏير آهي، جيڪا ڊيگهه ۾ اٽڪل 22 ميل آهي، ان جي پڇڙي اڳوڻي ڦٽل نصيرآباد شهر جي ڀرسان آهي، جيڪو هاڻوڪي جهٽ پٽ شهر کان 3 ميل اتر طرف آهي. هن شاخ تي جهڏير شاخ جو نالو انهيءَ ڪري پيو آهي، جو ڪوئيٽا، جيڪب آباد، روڊ جي ڀرسان منگولي ريلوي اسٽيشن جي سامهون، ڏکڻ طرف تمام قديم زماني جو ڦٽل جهڏير جو دڙو آهي، جنهن دڙي جو احوال تاريخن ۾ به ملي ٿو. جهڏير شاخ مان آر. ڊي- 23 جي ڪراس ريگيوليٽر وٽان هڪ ٻي شاخ نڪري ٿي، جنهن جو نالو آهي ٽيمپل ديرو شاخ. ان جي ڊيگهه 20 ميل آهي ۽ ان جي پڇڙي جهٽ پٽ شهر ڀرسان ٿئي. ٽيمپل ديرو شهر جو هاڻي نالو ديرو مراد جمالي آهي، جيڪو نصير آباد ڊويزن جي ڪمشنر جو هيڊ ڪوارٽر ۽ وڏو شهر آهي. حقيقت ۾ پٽ فيڊر جي پاڻيءَ جي آبادي آر.ڊي-418 کان شروع ٿئي ٿي. هن کان مٿي R.D.O يعني هيڊ تائين پٽ فيڊر تي ڪا به آبادي ڪا نه ٿي ٿئي، اهو سمورو علائقو واري ۽ دڙا آهن، زمين جي مٿانهين گهڻو مٿي آهي، واهه جو پاڻي هيٺ وهي ٿو، جنهنڪري زمين تي پاڻي ڪو نه ٿو چڙهي، انهيءَ ڪري ان هنڌ ڪو به فصل ڪو نه ٿو ٿئي، صرف سڄي پاسي کان رهندڙ بگٽي ۽ سندن ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي کڻي ويندا آهن، سندن هن پوري علائقي ۾ پري پري ڳوٺ آهن. پٽ فيڊر جي آر.ڊي- 90 تي روڊ پُل آهي، جيڪو جيڪب آباد کان ڪوئيٽا روڊ وڃي ٿو. هيءُ پُل ديري مراد جمالي شهر جي بلڪل ڀرسان آهي.پٽ فيڊر جي آر.ڊي- 505 تي ڪراس ريگيوليٽر آهي، جتان ٻه شاخون کٻي طرف نڪرن ٿيون:جهٽ پٽ شاخ: جهٽ پٽ شاخ اٽڪل 18 ميل ڊگهي آهي، پٽ فيڊر کان اوڀر طرف جهٽ پٽ شهر جي ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي. هيءَ شاخ جيڪب آباد-ڪوئيٽا ويندڙ رستي کان 3 ميل پري ڏکڻ طرف آهي. هن شاخ جي آر.ڊي-60 ڀرسان دنيا جو مشهور ڦٽل جهڏير جو دڙو آهي. هن شاخ جي آر.ڊي-18 مان وري هڪ ٻي شاخ محبت پور نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهه 16 ميل آهي ۽ روجهاڻ جماليءَ ڳوٺ ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي.باري شاخ: هيءَ اٽڪل 22 ميل ڊگهي شاخ آهي، هن جي پڇڙي اوستا محمد شهر جي ڀرسان وهندڙ کير ٿر ڪئنال وٽ ٿئي ٿي. باري شاخ مان آر.ڊي-20 کان هڪ ٻي شاخ بالان نڪري ٿي، ان جي ڊيگهه به اٽڪل 20 ميل آهي. هن جي پڇڙي به وڃي کيرٿر ڪئنال وٽ ٿئي ٿي.پٽ فيڊر جي آر.ڊي-558 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻه شاخون کٻي طرف نڪرن ٿيون. هڪ عمراڻي شاخ، جيڪا هتان جي رهاڪو عمراڻين جي نالي تي آهي، هن جي ڊيگهه 21 ميل آهي. هن جي آر.ڊي-20 کان هن مان هڪ ٻي شاخ جنهن جو نالو روپا شاخ آهي، نڪري ٿي. هيءَ 20 ميل ڊگهي آهي ۽ وڃي تنبو شهر وٽ ختم ٿئي ٿي. عمراڻي شاخ به تنبو شهر وٽ ختم ٿئي ٿي، جيڪو عمراڻين جو شهر ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. پٽ فيڊر جي آر. ڊي- 558 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻي نڪرندڙ مگسي شاخ آهي، جيڪا 20 ميل ڊگهي آهي، ان جي پڇڙي به کيرٿر ڪئنال ڏانهن وڃي ٿي، پٽ فيڊر جي پڇڙيءَ جو ڪراس ريگيوليٽر آر.ڊي-624 تي آهي ۽ هتي پٽ فيڊر جي پڄاڻي آهي ۽ هن هنڌ کان پٽ فيڊر مان ٽي شاخون نڪرن ٿيون، هڪ مراد شاخ، ٻي قبولو شاخ جيڪا هتان جي وڏي ۽ نئين قبولي جي نالي تي آهي، ۽ ٽين شاخ آهي ٽيل شاخ، جيڪا گندا واهه شهر ۽ جهل مگسيءَ ڏانهن وڃي ٿي. هر هڪ شاخ جي ڊيگهه 20 ميل آهي ۽ مختلف پاسن ڏانهن وڃن ٿيون، اهڙيءَ طرح پٽ فيڊر جي ڪشمور کان هلي هتي پڄاڻي ٿئي ٿي.پٽ فيڊر جي پاڻيءَ جي آبادي آر.ڊي-418 کان شروع ٿئي ٿي ۽ آر.ڊي-624 تي پٽ فيڊر ختم ٿئي ٿو، اتان به 20 ميل اڃا اڳتي پٽ فيڊر جو پاڻي شاخن ۾ وهي آبادي ڪرائي ٿو. يعني اٽڪل 60 ميل ڊيگهه ۾ ۽ اٽڪل 20 ميل ويڪر ۾ اهو سڄو علائقو جيڪو پاڻيءَ جي هڪ قطري لاءِ سڪندو هو ۽ انهيءَ سڄي ايراضيءَ ۾ انسان ذات جو ڪو به نانءُ نشان ڪو نه هو، اتي هاڻي پاڻيءَ اچڻ کان پوءِ وڏا ڳوٺ آباد ٿي ويا آهن. گهڻي وڻڪاري ۽ زمينون آباد ٿي ويون آهن، جيڪي ماڻهو مانيءَ جي هڪ ويلي لاءِ محتاج هئا، اهي هن وقت سٺن گهرن ۾ رهن ٿا. خوشحال ۽ آسودا آهن.پٽ فيڊر جي هن علائقي ۾ کوسا، شر، سيد، جمالي، ڪٽوهڙ، ڇلگري، بروهي، عمراڻي، ابڙا ۽ ڪجهه هندو به رهن ٿا، جن جون زمينون آهن ۽ وڏا زميندار آهن. وڏا ڪارخانا، پيٽرول پمپ ۽ ڳوٺن ۾ بجلي اچي وئي آهي، جنهنڪري ڳوٺ روشن ٿي ويا آهن.


لفظ پٽ فيڊرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو